ثناءالحق صديقي مولوي

ثناء الحق صديقي، مولوي: مولوي ثناءُ الله صديقي 17 سيپٽمبر تي قصبي ٿانا ڀون ديوبند (ڀارت) ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان ماهر تعليم هو. اردو زبان جو ممتاز شاعر، اديب، مورخ، مترجم، ماهر علم نجوم، جاگرافيءَ، سائنس ۽ آثار قديمه جو ماهر هو. ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف به رهيو. سندس ڪتابن ۾: ”مولانا محمد علي جوهر“ (حيات تعليم اور نظريات)، ”تاريخ شاهه عالم“، (تاريخ قبل از اسلام) زمين پر ره ڪر“، ”آسمان ڪي سير“، ”بزم انجم“، ”مير و سودا ڪا درد“، ”تصوف ڪي حقيقت“،”بائيبل قرآن اور سائنس“، زوال سلطنت مغليه (1983ع) شامل آهن. هن 9 اپريل 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو